Channel Avatar

Syed Ali Academy @UCQ5xdJzAhnosJ2T2IBoF6Zw@youtube.com

33K subscribers - no pronouns :c

Assalam o alaikum dear students This is Syed Ali I have done


Welcoem to posts!!

in the future - u will be able to do some more stuff here,,,!! like pat catgirl- i mean um yeah... for now u can only see others's posts :c

Syed Ali Academy
Posted 4 days ago

Afsos our children are not safe even in madaras in our schools and in our universities.
Good touch bad touch bacho ko na sikhao.
Apney bacho ko sikhao khatoon ki, beti ki izat krna.
Sindhi me ik sentence hota tha "niyaani sat Quran ahey" jiska mtlb tha "beti 7 Qurans k Barabar h"
I think this is the most beautiful sentence for any daughter.

197 - 10

Syed Ali Academy
Posted 4 days ago

بندوق کے لائسنس کے لئے درخواست دیجیئے اور وجہ لکھے گھر میں بیٹیاں ہیں اور شہر میں جانور 🥲
#سانحہ_لاہور

68 - 0

Syed Ali Academy
Posted 2 weeks ago

Happy teachers day to all my wonderful teachers

228 - 21

Syed Ali Academy
Posted 2 weeks ago

Kindly subscribe to this channel and help my friend grow

youtube.com/@mushtaquesyedreview?si=vgGbGYovBctvMU…

26 - 0

Syed Ali Academy
Posted 2 weeks ago

Online earning k group me InshaAllah is Baar 3 telegram projects sey group members earn krengey InshaAllah oct k month me.
Jinhey jaan'na h yeh sb kesey hota h wo group join kren

chat.whatsapp.com/FOmvSEkAYlzIwPKM2mdmt4

30 - 2

Syed Ali Academy
Posted 2 weeks ago

Type yes if you are watching from any other country than Pakistan. And name city in comments.

27 - 12

Syed Ali Academy
Posted 3 weeks ago

Alhamdulillah second channel also monetized.
Thanks to you all

This channel is made for 11-12 class students
All videos are underlined and sequence wise so that students can find it easily

57 - 2

Syed Ali Academy
Posted 3 weeks ago

113 - 7

Syed Ali Academy
Posted 3 weeks ago

اَمان آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس...!

نئون ڏينهن ٿيا آھن، مُون کي نِنڊ نٿي اچي، ڇو ته چوويهن ڪلاڪن مان سترانهه ڪلاڪ مُسلسل اسٽيڊي ڪندي به آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس، پهرين درجي کان وٺي ٻارهين درجي تائين هر امتحان ۾ پهريون نمبر حاصل ڪرڻ باوجود آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس، ڳوٺ ۾ اسڪول نه هُئڻ سبب پَنجين درجي کان وٺي ٻارهين درجي تائين پراين درن تي ڌڪا کائي کائي پڙھڻ باوجود ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس، لائين تي هلندڙ گاڏين جي ٻڪر ٻُوس ۾ ٻُوساٽجي پڙھڻ ويندو هئس، پوءِ به ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس، سؤ مان اَسي فيصد نمبر کڻندي به آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس ڇو ته آئون غريب هُئس. اَمير خريدارن سؤ مان سؤ پرسنٽ نمبر وٺي غريبن جي محنت تي دانگي ملي ڇڏي آھي.

ڪيڏي نه بدقسمتي آھي. هي بدقسمتي رُڳو مُنهنجي کاتي ۾ ناهي آئي، پر اهو اَڀاڳ سموري سنڌ ڀوڳي ٿي. اُھا سنڌ جيڪا مُون وانگي غريب ۽ هٿين خالي آھي. جنهن سنڌ وٽ نه زر آھي نه زمين آھي فقط ذھن آھي. اُن ذھين سنڌ جي کُليل اکين ۾ وڏا خواب آھن. خواب جن کان ساڀيائون رُٺل آھن. اُنهن خوابن کي ساڀيائن جا ويس پارائڻ لاءِ امير سنڌ جا غريب ٻار پنهنجن مائٽن کان پري رهي پڙھن ۽ ڪڙھن ٿا. اڄ اُن سنڌ جا سپنا چڪنا چُور ٿيا آھن جيڪا سنڌ پيٽ تي پٿر ٻَڌي اُڀراڻين پيرين، ڦاٽل ڪپڙن ۾، ڏينهن رات محنت ڪندي، ڊاڪٽر ٿيڻ چاهي ٿي، پر ڊاڪٽريءَ جو پيپر پئسن تي وٺي نٿي سگهي. اها سنڌ جيڪا بُخار ۾ ڪال پول جي گوري وٺڻ جي سگهه نٿي ساري اها ڊاڪٽريءَ جو پيپر لکن ۾ ڪئين وٺي سگهندي؟

ان ڪري منهنجي ماءُ! آئون توکان معافي وٺان ٿو. ڇاڪاڻ ته آئون پيپر ته ڏئي آيس، پر پيپر وٺي نه سگهيس. مُون ٻارنهن سالن ۾ ڪڏھن ڪپڙن جو نئون وڳو ڪونه ورتو، سو پيپر ڪٿي ٿو وٺي سگهان. امان! هتي هر شيءِ وڪامي ٿي. ايم پي اي جي سيٽ کان وٺي پَٽيواليءَ جي پوسٽ تائين، روڊ جي پرمنٽ کان وٺي ميڊيڪل اسٽور جي لائسنس تائين، ميونسيپل آفيسر جي نوڪريءَ کان وٺي ليڪچرار جي پوسٽ تائين هر شيءِ جو واڪ لڳي ٿو. ايستائين جو مُلڪ جو مُستقبل به وڪجي وڃي ٿو. پٿر دل خريدارن اسان ميڻ دل مسڪينن جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آھي. ان ڪري آئون معافي وٺان ٿو، مُنهنجي اُن ٻاگهل ڀيڻ کان جنهن جي نڪ ۾ رول گول جو ڪوڪو به ناهي، جيڪا ان آس تي وڏي ٿي رهي هُئي ته مُنهنجو ڀاءُ ڊاڪٽر ٿي مُون کي سوا تولو سوني جي نٿ وٺي ڏيندو. آئون معافي وٺان ٿو اُن ڀُورل ڀاءُ کان جيڪو پيادل پنڌ ڪري مُون کي فيس پهچائي ڏيندو هو، جنهن سان مُون واعدو ڪيو هو ته آئون ڊاڪٽر ٿيندس ۽ توکي موٽرسائيڪل وٺي ڏيندس، آئون معافي وٺان ٿو مُنهنجي ان لائق بابل کان جيڪو منهنجي فيس لاءِ پنهنجا رحل جھڙا هٿ اُنهن ماڻهن اڳيان ٽنگندو هو جن جي سيني ۾ دل جي جڳهه پئسو هوندو هو، ڪڏھن ڪڏھن بابا خالي هٿين ايندو هو تڏھن مون سان اکيون ملائي نه سگهندو هو تڏھن آئون بابا جي لهجي مان سمجهي ويندو هئس ته اڄ بابا جي دل ڀريل آھي، ۽ هٿ خالي آھن، تڏھن آئون چوندو هئس بابا آئون ڊاڪٽر ٿيندس توهان جا لُڙ لاهيندس. اڄ اهي سمورا سپنا ڪرڪ واريءَ جيان منهنجن هٿن مان وهي ويا آھن ۽ آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس..!

منهنجي ٻارنهن سالن جي محنت، اَمان ۽ اَبا جا سپنا، منهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي اُميد سڀ ڪُجهه اميرن هڪڙي ڌڪ ۾ خريدي ورتي، اَمان امتحان کان اڳ ۾ هڪ ڀيرو وري پيپر لِيڪ ٿي ويو آھي. هتي ميڊيڪل جو پيپر جيترا ڀيرا لِيڪ ٿيو آھي ايترا ڀيرا جُڳاڙي گاڏين جو ريڊيٽر به لِيڪ ناهي ٿيندو. مُلڪ جي مُستقبل سان ڪيڏي نه وڏي مشڪري آھي. پئسا ڏيئي پاس ٿيندڙ ڊاڪٽر سڀاڻي ڪهڙا علاج ڪندا. پئسن سان اُھي به پاس ٿي ويا آھن جيڪي بائلاجي کي بائلاگي چوندا هُئا. هتي غريبن لاءِ فقط يونيورسٽين جي داخلائن ۾ ميرٽ هلندي هُئي اُن جي به هاڻي خريدارن ۽ وڪرو ڪندڙن بازار لڳائي ڇڏي آھي. هاڻي غريبن لاءِ هن مُلڪ ۾ ڪٿي به گُنجائش ناهي. هاڻي غريب ڀلي وڃي ”ڇولا کپائين“.

اَمان! مُنهنجي ملول من ماضي ڏي موٽ کاڌي آھي، ۽ مُون کي اسڪول جا ڏينهن ياد اچي ويا آھن. اُھي ڏينهن جڏھن تُون مون کي صبح سوير ڪوري پاڻيءَ ۾ وهنجاريندي هُئينءَ، ڇوته پاڻ وٽ ڪوبه شمپو يا صابڻ نه هوندو هو. تُنهنجن هٿڙن جي سُرهاڻ مُنهنجن حواسن تي حاوي ٿي ويئي آھي ۽ اکيون ڀرجي آيون آھن. مُون کي ياد آھي تُون چوندي هُئين منهنجو پُٽ وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندو ۽ سڄي گهر لاءِ سُرها صابڻ ۽ تيل وٺي ايندو. اَمان! رات ڏينهن پڙھي پڙھي منهنجي مٿي جا وار ڇڻي ويا، پر آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس، سُرهي صابڻ ۽ تيل واري آس نراس ٿي ويئي آھي. منهنجن اڻڀن وارن کي جيئن تُون سنواريندي هُئينءَ ائين آئون پنهنجو مستقبل سنواري نه سگهيس. ڇو ته بدقسمتيءَ سان پاڻ اُن سسٽم ۾ رهون ٿا، جتي پاڻيءَ جُون ٽانڪيون ته لِيڪ نٿيون ٿين پر ميڊيڪل جا پيپر لِيڪ ٿيو وڃن ٿا. اَمان! مُنهنجا وار اڄ به اَڻڀا آھن، اکيون ڀِنل آھن. دل ٻُڏل آھي. هي ڪنهن ٽِڪ ٽاڪر گرل جي وڊيو لِيڪ وارو مسئلو ناهي، جنهن کي نئون نسل نئون ڏينهن انجواءِ ڪري ڏهين ڏينهن وري نئين اِشوءَ جو انتظار ڪري، پر هي مُنهنجي زندگيءَ جو مسئلو آھي. منهنجي ڪيريئر تي لڳل ڪاري داغ جو اشوءَ آھي جنهن جو درد منهنجي دل ئي سمجهي سگهي ٿي. ماڻهوءَ جي سجائي محنت جڏھن اجائي ويندي آھي تڏھن دل ٽُٽي ويندي آھي. من ڪنهن به شيءِ ۾ ناهي لڳندو..!

مُنهنجي ماءُ! تُنهنجن پويتر پَيرن جو قسم مُون رات ڏينهن محنت ڪئي، پر ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس. آئون تُنهنجن سپنن کي ساڀيا جو ويس پارائڻ ۾ مُڪمل ناڪام ٿي چُڪو آھيان. ان ناڪاميءَ ۾ نه تُنهنجو ڏوھ آھي نه مُنهنجو، نه ئي پاڻ پنهنجي مقدر کي ڏوھ ڏيون ٿا، اهو ڏوھ انهن نااهل ۽ نڪمن حُڪمرانن جو آھي جيڪي اسان جي مُستقبل کي محفوظ نه ڪري سگهيا. لالچ جي لُڙ ۾ لت پت انهن بي ضمير حُڪمرانن جا پيٽ حرام مان ڀرجن ئي نٿا. سموري سنڌ کائي ويا، هاڻي سنڌ جي ٻچڙن جو مستقبل به کائڻ شروع ٿي ويا آھن، ڇا ڪجي؟ پاڻ اڀرا ماڻهو سواءِ احتجاج جي ٻيو ڀلا ڇا ٿا ڪري سگهون؟ پنهنجي احتجاج جو آواز به ڪير ٻُڌي نٿو. پنهنجن جائز حقن جي حاصلات لاءِ رات ڏينهن دانهُون ڪُوڪون ڪري ڪري هاڻي ٿڪي پيا آھيون..!

هي ڪهاڻي سنڌ جي هر اُن گهر جي آھي، جيڪو غريب آھي، جنهن وٽ سواءِ تعليم جي ٻيو ڪُجهه به ناهي، جيڪو تعليم وسيلي پنهنجن پيرن تي بيهڻ چاهي ٿو. هي ڪهاڻي سنڌ جي لکين نوجوانن جي اندر جي پيڙا بيان ڪري ٿي جيڪي پڙھي لکي وڏا ٿيڻ چاهين ٿا، جن جي هٿ ۾ قلم کان سواءِ ڪُجهه به ناهي، پر بي رحم سسٽم اُنهن جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ جو سبب بنجي ٿو. اُنهن جو مستقبل تباھ ڪري ٿو. ان ڪري حُڪمرانن کي وقت سر اک پٽڻ گهرجي ۽ سسٽم کي صحيح ڪرڻ کپجي، ته جيئن سنڌ جي لکين نوجوانن سان ناانصافي نه ٿئي. ٻه ٻه ڀيرا ميڊيڪل جو پيپر آئوٽ ٿيڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ناهي، هي تمام وڏو سنجيده مسئلو آھي جنهن تي حُڪومت کي فوري طور سوچڻ کپجي نه رڳو ايترو پر پيپر آئوٽ ڪندڙ عناصرن خلاف جلد کان جلد سخت ڪارروائي ڪري انهن کي ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏيڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر سنڌ جي مستقبل سان ڪير اهڙي بيهوده مشڪري نه ڪري سگهي..

پيارا دوستو! هن ڪالم کي نه فقط پڙھجو پر اڳتي شيئر به ڪجو ڇو ته هي ڪنهن ٽِڪ ٽاڪر گرل جي وڊيو لِيڪ وارو مسئلو ناهي، پر هي اسان جي سنڌ جي معصوم ٻچڙن جي مُستقبل جو مسئلو آھي..!!امر رائيسنگهه راجپوت #paperleak #SindhMDCAT #RIPmerit 😥💔

154 - 22

Syed Ali Academy
Posted 3 weeks ago

Suggestion
MDCAT ka Score students sey na puchen.
Jiska hogaya hoga means high score wo khud e bata dega.
Otherwise it is so much depressing for students.

Unhey pressure feel hota h.
And yeh b na puchen k q select nhi Huey....

Baki suggestion.
Duniya m log zinda h MDCAT k bagher b.

One thing is YouTube that can give you high profit...other is business.

Kaafi cheezen h Jo aap krsktey education k Sath b alag b.

Education k liye medical profession k ilawa ap Kisi b general subject me bechlors krlo inshallah 17 grade ki job mil jayegi. Life relaxed rahegi.

Baki apna khayal rkho ap ho toh sb Kuch h and medical wagerah k ilawa boht professions h jinhey ap krsktey join.

142 - 20